صوفي فقير جانڻ چن جو ڪلام

صوفي فقير جانڻ چن جو ڪلام

صوفي فقير جانڻ چن جو ڪلام

صوفي فقير جانڻ چن جو ڪلام (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور صوفي فقير جانڻ چن جي ڪلام تي مشتمل آهي. ڪتاب کي ياور علي محبت علي ڪاظميءَ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ جانڻ فقير جي زندگيءَ جو احوال ڏنو ويو آهي. ڪلام کي ‘حق اثبات’ جي نالي سان عنوان جي لحاظ کان الف- ب وار رکيو ويو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي جانڻ فقير چن جي تصوير ڏنل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان پڪي جلد ۾ 388 صفحن تي مشتمل آهي. جيڪو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران مارچ 2010ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي قيمت 240 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو